ڪراچي جهڙو به آهي پر مونکي هن شهر سان محبت آهي: علي عباس

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار علي عباس جو چوڻ آهي ته ڪراچي جهڙو به آهي پر مونکي هن شهر سان محبت آهي.
علي عباس تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي، جتي هن ڪراچي ۾ رهڻ جي پنهنجي تجربي جي باري ۾ ڳالهايو.
هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا اهي ملڪ جي مختلف حصي مان اتي ڪم ڪرڻ ايندا آهن، ڪو لاهور کان آيو آهي ته ڪو وري فيصل آباد جو آهي، گهڻا ماڻهو وري پشاور جا به آهن، مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻهو هتي رهندا آهن.
اداڪار ٻڌايو ته جڏهن به مان اهڙي ڳالهه ڪندو آهيان ته لاهور وارا ناراض ٿي ويندا آهن ۽ پڇندا آهن ته تون ائين ڪيئن ٿو چوين؟
علي عباس جو چوڻ هو ته مونکي هن شهر سان گهڻي محبت آهي، ڀلي هتان جا روڊ ٽٽل آهن يا گندگي آهي پر هي اهو ئي شهر آهي جنهن مونکي آزادي ڏني آهي.
Pakistan Showbiz AliAbbas

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.