ڪئناڊا خلاف فتح بعد پاڪستان لاءِ اڃا سپر ايٽ مرحلي جا در کُليل

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتو ٻن شڪستن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪئناڊا خلاف فتح حاصل ڪري پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجو کاتو کولي ورتو پر هاڻ به ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ آخري ميچ ۾ ڪاميابي سان گڏ ان کي ٻين ٽيمن جي نتيجن تي ڀارڻو پوندو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي ٽين ۽ اهم ميچ نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪئناڊا خلاف کيڏي جنهن ۾ ڪئناڊا کي ست وڪيٽ تان شڪست ٿي.
ڪئناڊا خلاف فتح کانپوءِ پاڪستان جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ جا ڪيترا چانسز آهن؟
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنج ٽيممن تي ٻڌل هر گروپ جون ٽاپ ٻه ٽيمون سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجو سفر جاري رکڻ لاءِ قومي ٽيم لاءِ ايندڙ ميچ کٽڻ لازمي آهي پر ان سان گڏ آمريڪا جي ڀارت ۽ آئرلينڊ هٿان شڪست جي دعا پڻ ڪرڻي پوندي ڇو ته آمريڪا جيڪڏهن وڌيڪ هڪ پوائنٽ به حاصل ڪري ورتي تي پاڪستان جو سفر اتي ئي تمام ٿي ويندو.
گروپ اي ۾ باقي ميچز جا هيٺ ڏنل نتيجا پاڪستان کي ايندڙ مرحلي ۾ پهچائي سگهن ٿا.
12 جون : ڀارت مقابلو آمريڪا ( ڀارت کٽي وڃي)
14 جون آئرلينڊ مقابلو آمريڪا ( آئرلينڊ کٽي وڃي)
15 جون ڀارت مقابلو ڪئناڊا ( ڀارت کٽي وڃي )
16 جون پاڪستان مقابلو آئرلينڊ ( پاڪستان کٽي وڃي )
جيڪڏهن سمورا نتيجا مٿي ڄاڻايل منظرنامي موجب آيا ته پاڪستان جون چئن ميچن ۾ چار ۽ ڀارت جون اٺ پوائنٽس هونديون.
آمريڪا گروپ اسٽيج پاڪستان سان چئن پوائنٽس سان ختم ڪندو جڏهن ته ڪئناڊا ۽ آئرلينڊ جون ٻه، ٻه پوائنٽس هونديون.
اهڙي طرح ڀارت اٺ پوائنٽس سان سڌي ريت سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو جڏهن ته آمريڪا ۽ پاڪستان جون چار پوائنٽس هونديون.
ان صورتحال ۾ نيٽ رن ريٽ جو استعمال ڪيو ويندو، انڪري گرين شرٽس کي گهرجي ته هو آئرلينڊ خلاف وڏي مارجن تان فتح حاصل ڪري ۽ اِها به اميد ڪري ته آمريڪا ڀارت آئرلينڊ هٿان وڏي مارجن تان هارائي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستان کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ آمريڪا هٿان سپر اوور ۾ شڪست ٿي هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڀارت هٿان ڇهن رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.