اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)صنعت ۽ پيداوار جي وفاقي وزير رانا تنوير چيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري فهرست مان هٽائي هاڻي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي.
سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران وفاقي وزير رانا تنوير جواب ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جي 1500 ايڪڙ تي ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون ٺاهيو پيو وڃي، چين پنهنجي انڊسٽري اتي ري لوڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو، چين سميت وڌيڪ ملڪن ان ۾ پنهنجي فيڪٽري لڳائڻ جي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
رانا تنوير جو چوڻ آهي ته اسٽيل ملز جي 750 ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت کي ملي آهي، سنڌ حڪومت هاڻي نئين اسٽيل مل لڳائيندي يا وري ان کي بحال ڪندي، اسٽيل ملز هاڻي سنڌ حڪومت وٽ هوندي.
ٻئي پاسي ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب مالي سال 24_2023 جو اقتصادي سروي پيش ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ هڪ هزار ارب رپين جا خسارا برداشت نٿا ڪري سگهون، اسٽيل ملز جي بحالي جو ڪو امڪان ناهي.
Pakistan SindhGovt SteelMills
Prev Post
You might also like