راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور ۾ پوليس گڏيجي لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪندي عورت شازيا مڱڻيجو ۽ ڏيڍ سال جي نياڻي نورالنساءِ کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته 9 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.
ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته هنن اغوا جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، گرفتار ڪيلن ۾ عباس علي مڱڻيجو، اشفاق مڱڻيجو، حليم مڱڻيجو، حليمُ الله مڱڻيجو، ثناءُالله ڀٽي، بخت ڪلهوڙو، موسا هريا، خدا بخش مڱڻيجو، شهزاد مڱڻيجو شامل آهن.