سلمان ۽ شاهه رخ سميت مشهور ڀارتي يوٽيوبر روڊ حادثي ۾ فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسلمان يوٽيوبر فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي امروها ضلعي ۾ ٻن گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ چار مسلمان يوٽيوبر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوتي يوٽيوبرن ۾ لڪي چوڌري، سلمان، شاهه رخ ۽ شاهنواز شامل آهن، نوجوان يوٽيوبر Round2World جي نالي سان يوٽيوب چئنل هلائي رهيا هئا، جنهن ۾ انهن جي سبسڪرائبرز جو انگ 2.6 ملين کان وڌيڪ آهي.
رپورٽن موجب نوجوان هڪ سالگرهه تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ پنهنجي گهر واپس وڃي رهيا هئا ته انهن جي گاڏي سامهون هڪ ٻئي تيز رفتار گاڏي اچي وئي.

india uttarpradesh newdelhi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.