وزيراعظم جو هڪ هزار شاگردن کي تربيت لاءِ چين موڪلڻ جو اعلان

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري جي موقعي تي اعلان ڪيو آهي ته هڪ هزار شاگردن کي تربيت لاءِ چين موڪليو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف چين جي شهر شي آن ۾ يانگلنگ ايگريڪلچر ٽيڪنالاجي اينڊ ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪيو، جتي هو پاڪستاني زرعي شين جي اسٽال تي به ويو.
شهباز شريف کي اداري بابت بريفنگ ڏني وئي، کيس ٻڌايو ويو ته يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.
وزيراعظم هٿرادو روشني ذريعي سبزين جي پوکي جو جائزو ورتو، جتي کيس دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪندا، زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ اداري جي تجربن مان فائدو حاصل ڪنداسين، ايگريڪلچر اينڊ فارسٽري يونيورسٽي جو ڪيمپس پاڪستان ۾ قائم ڪيو ويندو.

shahbazsharif pmln cpec

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.