نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سياسي جماعت ڪانگريس راهول گانڌي کي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي پارٽي اڳواڻ راهول گانڌي کي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي.
تازو ٿيندڙ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ راهول گانڌي راءِ بريلي ۽ ڪيريلا جي علائقي وياناد مان ڪاميابي ماڻي آهي.
ڪانگريس موجب ورڪنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان راهول گانڌي کي اها درخواست ڪئي آهي ته هو لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ليڊر جون ذميواريون سنڀالي.
rahulgandhi congressindia india
 
			