ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.
دادو، سن، شاهپور چاڪر، دريا خان مري سميت ٻين شهرن ۾ تيز مٽي جي طوفان ۽ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.
ٽنڊوجام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان سبب بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا.
نوابشاهه ۾ برسات سبب پيٽرول پمپ جي ڀت ڪري پئي، 2 ملازم انيل ۽ زاهد حسين دٻجي فوت ٿي ويا.
سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات سبب گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
شھدادپور ۾ تيز هوا ۽ برسات سبب ديوارون ڪرڻ جي مختلف حادثن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.