حيدرآباد کانپوءِ ڀٽ شاهه ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو، 5 ڄڻا زخمي

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) حيدرآباد کانپوءِ ڀٽ شاهه ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا.
ڀٽ شاھه موري وٽ ايل پي جي گئس اسٽيشن ۾ اوچتو سلينڊر ڌماڪو ٿيو، جنھن ۾ دڪاندار نادر گھلو، عابد گھلو ۽ رڪشا ۾ گئس ڀرائڻ آيل رڪشا ڊرائيور سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڀٽ شاھه رورل هيلٿ سينٽر نيو ويو.
ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
حادثي کانپوءِ پوليس پھچي ڀرپاسي ۾ موجود گھر ۽ دڪان فوري طور تي خالي ڪرائي ڇڏيا، واقعي جي هڪ ڪلاڪ تائين ڪو به سرڪاري عملو باھه وسائڻ لاءِ نه پهچي سگهيو هو، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو.

hyderabad bhittshah sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.