ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الرميٿي ORIC شعبي جي دعوت تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان دورو ڪري ٻوٽو پوکيو، ان دوري جو مقصد ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي.
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل چيو ته مون کي هتي اچي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي.
هن صحتمند ۽ صاف سٿري ماحول لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هتي ڀرپور سهولتون پيدا ڪرڻ گهرجن ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هتان جي ماڻهن کي پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي.
شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل سان آن لائن گفتو ڪندي سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس يونيورسٽي جي اسلام آباد ڪيمپس جي دوري جي دعوت ڏني.
ڪيمپس انچارج پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد، رجسٽرار ساجد جهانگير، ايڊمنسٽريشن شعبي جي ايڇ او ڊي ڊاڪٽر نورين ۽ (اورڪ) شعبي جي ڊائريڪٽر حنا مدثر قونصل جنرل سان ڳالهائيندي يونيورسٽي جي سڀني شعبن کان آگاهه ڪيو.
ان موقعي تي ماحوليات شعبي جي صدر حق نواز عباسي پريزنٽيشن ڏني، جنهن کي قونصل جنرل ساراهيو، آخر ۾ ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر حنا مدثر مهمان کي شيلڊ ڏني ۽ سندس آمد تي ٿورا مڃيا.
Prev Post
You might also like