لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي پيءَ اعظم صديقي پاڪستاني مداحن کي ڪپتان ۽ ٽيم جو حوصلا واڌائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
اعظم صديقي سوشل ميڊيا تي پنهنجي گهرواري سان تصوير شيئر ڪندي پٽ جو حوصلو وڌائڻ لاءِ پوسٽ شيئر ڪئي.
اعظم صديقي پنهنجي پوسٽ ۾ پٽ کي اتفاق جي قوت جو سبق به ڏنو.
هن لکيو ته پاڪستاني ڪپتان ۽ ٽيم جو حوصلو وڌايو، آخر تائين همت نه هارايو ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي کيڏو، اتفاق سڀ کان وڏي قوت آهي، اِهو ئي سبق هتي پهچي بابر کي سمجهايو.
واضح رهي ته بابر اعظ۾ جي فيملي سندس سپورٽ لاءِ آمريڪا ۾ موجود آهي ان کان اڳ بابر جي فيملي انگلينڊ خلاف سيريز دوران به اتي موجود هئي.
T20WorldCup2024 BabarAzam PakistanCricketTeam