فيسبڪ ڪمينٽس ۾ به اي آءِ ٽيڪنالاجي فيچر شامل ڪرڻ جو امڪان

ميٽا طرفان آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي کي فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي هر حصي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
ائين ئي فيسبڪ ايپ ۾ ڪمنٽس سيڪشن ۾ به ڪيو پيو وڃي.
ميٽا اي آءِ کي ڪمينٽ سيڪشن جو حصو بڻايو پيو وڃي، ته جيئن واهپيدار ماڻهن جي ڪمينٽس جو خلاصو ڄاڻي سگهن.
حقيقت ۾ اوهان انهي فيچر کي استعمال ڪندئو ۽ اندازو ٿيندو ته فيسبڪ ڪمينٽس ڪيتري حد تائين نقصانڪار هوندا آهن.
جيڪڏهن اوهان فيسبڪ پوسٽ جي ڪمينٽس تي ڪلڪ ڪندا ته ڪجهه پوسٽس تي اي آءِ سمري جو آپشن به نظر ايندو.
اڃا اهو واضح ناهي ته ميٽا طرفان اها چونڊ ڪيئن ڪئي پئي وڃي ته ڪهڙي پوسٽ ۾ ڪمينٽس جي سمري نظر اچڻ گهرجي.
ڪمپني طرفان فل الحال ڪو به اهڙو بيان جاري ناهي ڪيو ويو
Meta Facebook ArtificialIntelligence

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.