پاڪستاني فنڪار علي ظفر چاهت علي خان جي گاني بدو بدي کي پنهنجي گاني بالو بتيان کان وڌيڪ ويوز ملڻ تي دلچسپ رد عمل ڏنو آهي.
علي ظفر سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ايڪس تي هڪ واهپيدارن جي پوسٽ کي ري شيئر ڪيو.
هن پوسٽ ۾ لکيو ته علي ظفر ۽ عطا الله خان عيسيٰ خيلوي جي سرائيڪي گاني بالو بتيان هڪ مهيني اندر 16 ملين ويز حاصل ڪيا هئا.
پوسٽ ۾ چيو ويو ته چاهت فتح علي خان جي گاني بدو بدي کي هڪ مهيني ۾ 19 ملين کان به وڌيڪ ويوز ملي چڪا آهن.
علي ظفر واهپيدار جي پوسٽ تي پنهنجو رد عمل ڏيندي لکيو ته ان ڳالهه جو اعتراف ڪيان ٿو ته مان سدائين ان وهم غورو ۾ مبتلا آهيان منهنجو ڪو مقابلو ناهي.
واضح رهي ته نالي ماتر فنڪار چاهت فتح علي خان گذريل مهيني يوٽيوب چينل تي هڪ گانو رليز ڪيو هو جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ به وائرل آهي ۽ هن محل تائين گاني جي 27 ملين ويوز ملي چڪا آهن.
صرف ايترو ئي نه اهو گانو مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي ٽرينڊ بڻجي ويو آهي جڏهن ته ساڳي ئي گاني تي مزاحيا ميمز جا به انبار لڳل آهن.
ChahatFatehAliKhan AliZafar Pakistan