او جي ڊي سي ايل جو تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب ڪوهاٽ ۾ موجود چن دان کوهه نمبر 7 مان پيداوار شروع ڪئي وئي آهي، نئين کوهه مان 305 بيرل روز تيل جي پيداوار ٿي رهي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته نئين کوهه مان 2.5 ملين ڪيوبڪ فٽ روز گئس جي پيداوار حاصل ڪئي پئي وڃي، گئس جي پيداوار کي سوئي ناردرن نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، تيل ۽ گئس جي ان پيداوار سان امپورٽ بل ۾ 22.57 ملين ڊالرن جي سالياني بچت ٿيندي.
ترجمان حيدرآباد ۾ موجود ڪنر کوهه نمبر 8 جي ڪامياب بحالي جو اعلان به ڪيو ۽ چيو ته ان مان 540 بيرل روز ڪچي تيل جي پيداوار شروع ٿي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ڪنر کوهه نمبر 8 جي واڌو پيداوار سان 15.949 ملين ڊالر سالياني بچت ٿيندي.

ogdcl oil gas

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.