ميڻ بتي جي روشني تي به بجلي ٺاهيندڙ سولر پٽي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽاڪ هوم ۾ هڪ فيڪٽري ۾ ڳجهو پرنٽر اهڙيون پٽيون ٺاهي رهيو آهي جن ۾ 108 سولر سيلز آهن ۽ اهي ڪي عام سولر سيلز نه آهن. ايگزيجر ڪمپني جا هي سولر سيلز سج، چنڊ ۽ ميڻ بتي جي روشني تي به بجلي پيدا ڪن ٿا.

ڪمپني جي شريڪ باني جيوواني فيلي کي ڳولا هئي ته هو سج کانسواءِ به ڪا سولر انرجي ٺاهي.

هاڻي هن جيڪا شئي ٺاهي آهي اها هر روشني تي بجلي ٺاهيندي.

هي وڏي فيڪٽري اڍائي لک اسڪوائر سيلز تيار ڪري ٿي جيڪي 2030 ۾ زندگيون تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.