اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊ نشان واپس وٺڻ کانپوءِ تاثر ڏنو ويو ته سياسي جماعت ختم ۽ جنازو نڪري ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته جن کي واڌو سيٽون ڏنيون ويون اهي بينفشري آهن، مجموعي طور تي 77 تڪراري سيٽون آهن، قومي اسيمبلي جون 22 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 55 سيٽون تڪراري آهن.
هن چيو اسان جي کٽيندڙ اميدوارن پارٽي جو سرٽيفڪيٽ لڳايو هو، ان باوجود اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو ته توهان آزاد اميدوار آهيو.
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار آهي ته ڪنهن کي پاڻ آزاد ڊڪليئر ڪري؟ جڏهن پارٽي چئي اسان جو اميدوار آزاد آهي، اميدوار به پارٽي کي پنهنجو چئي ته اليڪشن ڪميشن جو ان کانپوءِ ڪهڙو اختيار آهي؟
چيف جسٽس پڇيو ته ڇا بينفشري جماعتن مان ڪا عدالت ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حمايت ڪري ٿي؟
سڀني جماعتن سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس چيو ان جو مطلب توهان سڀ واڌو مليل سيٽون رکڻ چاهيو ٿا.
جسٽس اطهر من الله چيو ڇا چونڊ نشان واپس ٿيڻ سان سياسي جماعت سمورن حقن کان محروم ٿي ويندي آهي؟
جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڇا چونڊ نشان واپس ٿيڻ کانپوءِ آرٽيڪل 17 تحت قائم سياسي جماعت ختم ٿي وئي هئي؟ ڇا سياسي جماعت اميدوار نٿي بيهاري سگهي؟ تاثر ته اهڙو ڏنو وڃي ڄڻ سياسي جماعت ختم ٿي وئي ۽ جنازو نڪري ويو، ڇا پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جون فهرستون جمع ڪرايون هيون؟
فيصل صديقي جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ فهرستون جمع ڪرايون پر اليڪشن ڪميشن تسليم نه ڪيون.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بيٽ جي نشان واري فيصلي تي ماڻهن کي مس گائيڊ ڪيو ويو، آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ به شامل ٿي پئي سگهيا، ڪا پابندي نه هئي.
جسٽس منيب اختر چيو اسان حقيقت کي ڇو نه ڏسون، سني اتحاد ڪائونسل اسان جي سامهون ان ڪري آهي ته ان ۾ پي ٽي آءِ جا کٽيل ماڻهو شامل آهن.
چيف جسٽس چيو سياسي مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجي، هر مسئلو سپريم ڪورٽ ڇو ايندو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو هر دور ۾ ڪا نه ڪا پارٽي ظلم جو شڪار رهي، پ پ کان تلوار جو نشان کسيو ويو، ن ليگ سان به ائين ئي ٿيو.
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
supremecourtofpakistan pti pmln