بجلي جا ڳرا بل ڀريندڙ واهپيدارن تي نيپرا جو هڪ ٻيو وار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳرا بجلي بل ادا ڪندڙ واهپيدارن تي نيپرا هڪ ٻيو وار ڪندي کين بجلي بلن جي قسط وار ادائيگي جي رليف کان محروم ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب نيپرا بجلي واهپيدارن لاءِ بلن جي قسط ڪرائڻ جي سهولت محدود ڪري ڇڏي، واهپيدار هاڻ سال ۾ رڳو هڪ ڀيرو ئي بجلي بل جي قسط ڪرائي سگهندا.
نيپرا ڪنزيومر سروس مينوئل ۾ ترميم ڪندي سڀني بجلي ڪمپنين کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب قسط ڪرائڻ جي صورت ۾ نئون بل ڪمپيوٽرائزڊ بل ئي جاري ڪيو ويندو.
نيپرا آخري ڏينهن سرڪاري موڪل جي صورت ۾ مقرر تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ سرڪاري موڪل سبب بل جي عدم ادائيگي تي واهپيدارن کان ليٽ پيمينٽ سرچارج وٺڻ جي هدايت به ڪئي.

nepra bill pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.