اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سرڪاري ملازمن کي عيد الضحيٰ جي موقعي تي وڏيون موڪلون ملڻ جا امڪان آهن، پر اڃا تائين حڪومت طرفان اعلان ناهي ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ هلندڙ سال عيد الضحيٰ جي ڊگهي موڪل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
موسميات کاتي موجب عيد الضحيٰ 17 جون (سومر) تي ٿيڻ جا امڪان آهن، پر چنڊ بابت حتمي فيصلو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.
هونئن ته عيد جون موڪلون 17 کان 19 جون تائين هونديون پر پر موڪلون 15 جون کان شروع ٿي وينديون ڇو ته ڪيترن کي کاتن ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي تي آفيسون بند هونديون آهن.
Next Post
You might also like