موسميات کاتي خوشبخري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولوجسٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي ۾ گرمي پد 39 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، انڪري اميد آهي ته 2 جون کان گرمي پد ۾ گهٽتائي ٿيندي.
هن جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي پد 34 ۽ 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جا امڪان آهن.
سندس موجب 2 جون کان ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري گرمي پد ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي ۽ 10 جون تائين ڪراچي جو موسم بهتر ٿي ويندو.

Karachi Weather Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.