نيشنل فارنزڪ ليبارٽري غير فعال، منشيات جا ڪيترائي ڪيس رولڙي جو شڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل فرانزڪ سائنس ايجنسي ليبارٽري جي غير فعال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
نيشنل فارنزڪ ليبارٽري جي غير فعال هجڻ سبب نارڪوٽڪس جا 877 ڪيس رولڙي جو شڪار آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، انچارج اين ايف ايس اي، پراسيڪيوٽر جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ چيف ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جون کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
جسٽس طارق محمود جهانگيري منشيات بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو تحريري حڪمنامو جاري ڪيو، جنهن موجب پٽيشنر خلاف 4744 گرام چرس برآمدگي جو ڪيس 25 نومبر 2023ع ۾ داخل ٿيو، ڪيس ۾ ڄاڻايل منشيات بابت اڄ تائين نيشنل فارنزڪ سائنس ايجنسي جي رپورٽ نه اچي سگهي.
جاچ آفيسر موجب اين ايس ايف اي کي ڪيترائي ڀيرا يادگيري ڏياري وئي، جنهن تي انهن جواب ڏنو ته نيشنل فارنزڪ سائنس ايجنسي ليبارٽري جون 2023ع کان غير فعال آهي، فارنزڪ ايجنسي کي لاڳاپيل وزارت طرفان پهرين جولائي 2023 کان فنڊز فراهم ناهن ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.