جروار ويجهو لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

جروار (رپورٽر) جروار ويجهو زمين جي مالڪي تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ڪهاڙيون لڳڻ سبب اختر لغاري شاھ مور لغاري عاشق لغاري خيرمحمد لغاري زخمي ٿي پيا.

زخمين کي جروار پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏيئي سول اسپتال ميرپورماٿيلو موڪلي ڇڏيو .ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي ڏھ ماڻھن مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.