ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ جي سهڪار سان رڳو 7 هزار رپين ۾ مڪمل سولر سسٽم عوام کي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ ٻه لک گهراڻن کي 7 هزار رپين ۾ مڪمل سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو، جن ۾ ڪراچي جا 50 هزار گهراڻا به شامل آهن.
تجويز موجب فراهم ڪيل ان سولر سسٽم سان هڪ پکو ۽ 3 ايل اي ڊي بلب ٻاري سگهبيا.
سنڌ سولر انرجي ڊائريڪٽر موجب صوبي جي هر ضلعي ۾ 6 هزار 656 سولر سسٽم ڏنا ويندا ۽ ان منصوبي جي شروعات آڪٽوبر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
سسٽم ۾ سولر پئنلز، چارج ڪنٽرولر ۽ بيٽري به شامل آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جيئن ئي خريداري ٿي ته آڪٽوبر ۾ ورهاست شروع ٿي ويندي.
ان پراجيڪٽ لاءِ ورلڊ بئنڪ 3 ڪروڙ 20 لک ڊالر جاري ڪيا آهن، جڏهن ته منصوبي ۾ واڌ جو به امڪان آهي.
sindh muradalishah ppp