ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ڏينهن ۾ به موسم گرم رهندي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سردار سرفراز چيو ته 20 جون کانپوءِ وڃي موسم ۾ ڪا بهتري اچي سگهي ٿي، چوماسي جون شروعاتي برساتون 20 جون کانپوءِ ئي پونديون آهن.
هن چيو ته جون ۾ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جون ۾ موسم گرم رهندي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، 29 کان 31 مئي تائين پارو 40 ڊگري کان مٿي وڃي سگهي ٿو ۽ 42 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.
karachi heatwave heatstroke