اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ملاقات ۾ بريڪ ٿرو ٿي ويو، لوڊشيڊنگ ۽ رهتن بابت مسئلن جي حل لاءِ رستو ڪڍيو ويو.
علي امين گنڊاپور اهم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرو وزارت پهتو، جتي ان جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان به ملاقات ٿي.
اجلاس کانپوءِ علي امين گنڊاپور، محسن نقوي ۽ توانائي واري وزير اويس لغاري پريس ڪانفرنس ڪئي.
محسن نقوي چيو ته تمام سٺي انداز ۾ ميٽنگ ٿي ۽ بريڪ ٿرو به ٿيو، عوام کي رليف ڏيڻ بابت گفتگو ٿي.
علي امين گنڊاپور چيو ته اهڙو رستو ڪڍيو آهي، جنهن سان عوام کي رليف ملندو، لائن لاسز جا ڪارڻ ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، عوام جو مطالبو آهي ته لوڊشيڊنگ ختم ٿئي، عوام سستي بجلي چاهي ٿو ۽ اسان واضح ڪيو آهي ته اسان بجلي پيدا ڪندا آهيون.
اويس لغاري چيو ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو بجلي چوري جي روڪٿام سان ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو ماڊل ڪي پي ۾ ٺاهيو آهي، ٻين صوبن ۾ به لاڳو ڪنداسين.
mohsinnaqvi aliamingandapur kpk