ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلي ۾ شهيد ٿيندڙ عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي پونئيرن جي مالي مدد لاءِ جي ڊي سي جي ظفر عباس، علي شيخاڻي طرفان هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جي ڊي سي فائونڊيشن موجب نصرالله گڏاڻي جي شهادت جي معاملي تي پونئيرن جي مدد لاءِ سينيئر صحافين رابطو ڪيو، ظفر عباس اهو معاملو پاڪستان ڄائي آمريڪي بزنس ٽائيڪون علي شيخاڻي سامهون رکيو، علي شيخاڻي پنهنجي طرفان شهيد صحافي جي پونئيرن جي مالي مدد لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
جي ڊي سي فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته ظفر عباس جلد شهيد صحافي جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪري کين هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏيندو.