پاڪستاني اسڪرپٽ رائٽر، هدايتڪار ۽ شاعر خليل الرحمان قمر يوٽرن وٺندي اداڪارا ماهرا خان کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
ماهرا خان ۽ خليل الرحمان وچ ۾ ٿيندڙ شديد نفرتن جو سبب ماهرا خان ماضي ۾هڪ ٽوئيٽ هو.
ماهرا خان پنهنجي بيان ۾ لکيو هو ته هو ٽي وي اسڪرين تي عورتن جي تذليل ڪرڻ واري شخص طرفان ماروي سرمد لاءِ چيل لفظن تي حيران آهي.
ادڪارا ڊراما نگار جي حوالي سان هيش ٽيگ استعمال ڪندي لکيو ته هو اهو ماڻهو آهي، جنهن کي عورتن جي تذليل بعد هڪ بعد هڪ پراجيڪٽ ڏنو ويندو آهي.
انهن لفظن جي ڪري ٻنهي ۾ نفرتون پکيڙجي ويون هيون، ماهرا خان جي لفظن بعد خليل الرحمان پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته ماهرا خان سان ناراض ناهيان پر ان جي عمل سان مونکي نفرت آهي، مان نفرت ڪرڻ وارو ماڻهو ناهيان، ناراضگي ختم ٿي ويندي آهي پر نفرت ختم ناهي ٿيندي.
پر هاڻي ايئن لڳندو آهي ته ٻن ناليوارين شخصيتن وچ ۾ سالن کان جاري جنگ ختم ٿيڻ واري آهي، ڇو ته خليل الرحمان پنهنجي تازي بيان ۾ ماهران خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
خليل الرحمان قمر پنهنجي ايندڙ فلم مرزا جٽ ۾ ڪاسٽ جي حوالي سان انشاف ڪندي ٻڌايو ته هو ماهرا خان سان گڏجي ٻيهر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
هن جو چوڻ هو ته فلم ۾ ماهرا خان ۽ همايون سعيد پنهنجا جوهر ڏيکاريندا.
Film KhalilurRehmanQamar MahiraKhan