ڪو تڪليف ڏيندو آهي ته ان جون فلمون فلاپ ٿيڻ جي بددعا ڪندي آهيان: فرح خان

بالي ووڊ جي مشهور فلم ساز فرح خان پاڻ کي تڪليف پهچائڻ وارن کي معاف ڪرڻ بجاءِ بددعا ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
فرح خان تازو ئي بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور سان گڏجي دي گريٽ انڊين ڪپل شو ۾ مهمان بڻي، ان دوارن ڪپل شرما ٻنهي شخصيتن کان سوال ڪيو ته اوهان پاڻ سان غلطي ڪرڻ وارن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهيو يا بدلو وٺندا آهيو.
سوال جي جواب ۾ فرح خان چيو ته مان ڪڏهن به بدلو ناهيان وٺندي پر کين بددعائون ڏيندي آهيان، هاڻي جنهن جو فلمون فلاپ ٿيون هونديون اوهان سمجهي ويا هوندا ته منهنجي بددعا ڏنل آهي.
انيل ڪپور ٻڌايو ته جيڪي ماڻهو مونکي تڪليف ڏيندا آهن ۽ نفرت ڪندا آهن ته مان انهن کان بدلو وٺڻ بجاءِ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندو آهيان.

Showbiz Farahkhan Anilkapoor

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.