چنائي( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17 ايڊيشن ۾ شاهه رخ خان جي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ٽيون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
فائنل ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سن رائزرز حيدرآباد کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏني، 114 رنسن جو هدف ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز 11 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
ٽيم جي ڪاميابي تي شاهه رخ خان اسٽيڊيم ۾ ٻارن سان گڏ فتح جي خوشي ۾ جشن ملهايو ، بالي ووڊ بادشاهه ٽيم سان گڏ ٽرافي ۽ ميدان ۾ مداحن لاءِ خاص پوز پڻ ڏنا.
IPLFinal KKR SRH ShahRukhKhan