جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ ٻه جوابدار لاڪ اپ جو روشن دان ٽوڙي فرار ٿي ويا.
اهو واقعو جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي ۾ پيش آيو، جتي ٻه جوابدار پوليس جي لاڪ اپ مان ڀڄي ويا.
ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار لاڪ اپ جو روشن دان ٽوڙي فرار ٿيا، اهي موٽر سائيڪل کسڻ جي الزام ۾ گرفتار هئا.
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپا هنيا پيا وڃن.
jacobabad sindh police