ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي سٿ پاران هيڊ آفيس سميت سمورين آفيسن ۾ ويٺل قلم ذريعي هيڻن جو آواز بڻجندڙ سٿ جي ساٿين پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي صحافتي ذميواريون نڀايون پيون وڃن.
ظلم ۽ جبر خلاف سگهارو آواز بڻجي مظلوم ۽ محڪومن جا درد رپورٽ ڪندڙ عوامي آواز ميرپورماٿيلي جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف عوامي آواز ميڊيا گروپ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
27 مئي سومر جي ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.
عوامي آواز ميڊيا گروپ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس( پي ايف يو جي)، صحافتي تنظيمن، پريس ڪلبن، انساني حقن جي تنظيمن، شاگردن، هارين ۽ مزدورن، قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن، سول سوسائٽي، اديبن ۽ دانشورن کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.