ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو، ٽرالر جي ٽڪر سبب سوزوڪي ۾ سوار پنج ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي مان ڪوٽڙي سائيٽ ايريا تي مزدوري تي ويندڙ بهراڻي برادري جي ماڻهن سان ڀريل سوزوڪي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.
فوتين ۾ جلال بهراڻي، عرفان، بگو، سومرو ۽ عرس بهراڻي شامل آهن، جن لاءِ لاش ۽ زخمين کي حيدرآباد اسپتال نيو ويو، جتي ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
thatta sindh pakistan