شاهين آفريدي جو پاڪستاني ٽيم جي نائب ڪپتاني قبولڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي قومي ٽيم جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پي سي بي سليڪشن ڪميٽي شاهين آفريدي کي نائب ڪپتاني جي آڇ ڪئي هئي، جڏهن ته شاهين آفريدي قومي ٽيم جي نائب ڪپتاني قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي.
ياد رهي ته قومي ٽيم لاءِ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آهي، جڏهن ته پي سي بي طرفان اڃا تائين نائب ڪپتان جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ ذريعن موجب شاهين آفريدي جي انڪار کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان قومي ٽيم جي ڪپتان لاءِ مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته پي سي بي وٽ شاداب خان جي صورت ۾ هڪ وڌيڪ آپشن پڻ موجود آهي.

Shaheenafridi Babarazam pakistancricketteam pcb T20worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.