نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي سنڌ ۾ سوڳ، سياسي سماجي اڳواڻن جي تڏي تي آمد، تعزيت جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ارڏي ۽ بهادر صحافي، شير سنڌ جو لقب ماڻيندڙ نصر الله گڏاڻي جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.

گذريل شام شهيد صحافي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ تدفين ڪئي وئي ۽ سندس تڏو ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ وڇايو ويو آهي.

سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سڄي ملڪ مان صحافين پاران تڏي تي شهيد صحافي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

واقعي کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته پوليس اختيارين جو ڪو موقف سامهون ناهي آيو.

نصر الله گڏاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سموري سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

شهيد جي وارثن پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر

ميرپورماٿيلي جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

شهيد صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته کين پوليس تي اعتماد ناهي، پوليس پاران گرفتارين جون جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن اهو ڊرامو لڳي رهيو آهي.

يعقوب گڏاڻي موجب ڀاءُ جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، نصر الله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي انصاف گهرجي.

شهيد جي ڀاءُ چيو ته هو جي آءِ ٽي مان مطمئن نه آهن، هن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو، اصل قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ميرپورماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي شهادت واري واقعي کانپوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين سميت سياسي، سماجي ڌرين پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.

 مظاهرين پاران شهيد نصر الله گڏاڻي جون تصويرون کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته بهادر صحافي کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي پئي وڃي.

شهيد صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جونگل، سيٺارجا، وارهه، پڊ عيدن، ڳڙهي ياسين، پٿورو، جهوڪ ۽ ڄام نواز علي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

سڪرنڊ، ڦلجي اسٽيشن، ٻڍو قمبراڻي، ڪشمور، ڀريا سٽي، موهن جو دڙو، ڪنڌڪوٽ، منهڙو، گاجي کهاوڙ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪي اين شاهه جا صحافي پڻ سراپا احتجاج آهن.

رتوديرو، جوهي، دادو، کهڙا، ڪنري، سرحد، لاڙڪاڻي، بلڙي شاهه ڪريم، قمبر، ريتي، ٽنڊي رحيم خان ۾ به صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي تحت احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي آهي ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي وائکو ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

نصرالله جا ٻار ٿانو کڻي مامن چاچن کان ڀاڄي وڻندا هئا: امڙ

شهيد نصرالله گڏاڻي جي ماءُ دانهيندي چيو آهي ته اسان سان ظلم ٿي ويو، قهر ٿي ويو، پٽ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.

تڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهيد جي امڙ چيو ته منهنجا ٽي پٽ آهن، ننڍو بيمار آ، وڏو پٽ موالي آ، نصرالله ڪم جو هو.

هن چيو ته نصرالله کي پنهنجو گهر ڪو نه هيس، ڀاءُ جي گهر ۾ رهندو هو، سندس ٻارڙا ٿانوَ کڻي مامن چاچن کان ڀاڄي وٺندا هئا.

”بابا پائلٽ بڻائڻ چاهيو هو پر مان هاڻي صحافي ٿيندم“

شهيد نصرالله گڏاڻي جي پٽ به پيءُ جيان صحافت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

شهيد جي پٽ چيو آهي ته بابا جي خواهش هئي ته مان پائليٽ ٿيان، بابا مظلوم عوام جي مدد ڪندي شهيد ٿي ويو آهي.

هن چيو ته مان به پائليٽ بڻجڻ بدران صحافي بڻجي مظلوم عوام جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.

سنڌ جو هر پٽ نصرالله گڏاڻي ٿي بيٺو آهي، انقلاب ايندو: اُم رباب چانڊيو

ام رباب چانڊيو چيو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، هو بي باڪ صحافي هو، هيءَ اسان سڀني جي جنگ آهي، سنڌ جو هر پٽ نصرالله گڏاڻي ٿي بيٺو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردارن جو مڪروهه چهرو عوام جي سامهون، ادارن جي سامهون، عدليا جي سامهون واضح ٿي چڪو آهي، وقت آهي ته هر ادارو ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن هڪ صحافي سان ائين ٿئي ٿو ته عام ماڻهو جي ڪهڙي حالت هوندي، سرداري نظام ڪيترو خطرناڪ آهي.

هن چيو سردار سمجهن ٿا ته قتل ڪرائي ماڻهن کي خاموش ڪرائي ڇڏيندا، منهنجي گهر ڀاتين کي قتل ڪيو ويو پر اسان خاموش نه ٿياسين، انقلاب ايندو، اسان جو عوام روڊن تي نڪري سردارن جي ڳچي ۾ هٿ وجهندو.

سندس چوڻ هو ته اسان کي گڏجڻ جي ضرورت آهي، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

شهيد جي ٻارن جي تعليم جو خرچ مان برداشت ڪندس: محمد بخش مهر

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، مختلف سياسي سماجي اڳواڻ شهيد جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا.

صوبائي وزير محمد بخش مهر تعزيت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته الله پاڪ شهيد جي گهر ڀاتين کي صبر عطا فرمائي، مان چونڊيل نمائندو ضرور آهيان پر ان کان اڳ هڪ انسان آهيان، مون کي ايترو ئي ڏک آهي جيترو شهيد جي گهرڀاتين کي آهي، خدا جو خوف رکي مطالبو ڪيان ٿو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي اهڙو ڪو واقعو نه ٿئي.

وارثن طرفان جي آءِ ٽي تي اعتراض بابت سوال تي هن چيو ته وارثن جا مطالبا مڃڻ گهرجن، انصاف ٿيڻ گهرجي، اسان جي ليڊر شپ ۽ آءِ جي سنڌ ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو سانحو افسوسناڪ آهي، مان ذاتي طور اعلان ڪيان ٿو ته ننڍڙن ٻارن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪندس.

نصرالله گڏاڻي ڪيس: جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو

سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرز صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي غلام نبي ميمڻ کي نئين اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڪميشن آءِ جي سنڌ کي چيو آهي ته اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جو سربراهه سکر ڊويزن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڊويزن جي ڊي آءِ جي کي ٺاهيو وڃي ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن جو واسطو به سکر پوليس سان نه هجڻ گهرجي.

ڪميشن جي ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ نظر اڪبر جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميشن جي ٻين ميمبرن، انساني حقن جي ڪميشن جي پروفيسر ڊاڪٽر توصير احمد خان، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدر فهيم صديقي ۽ سينيئر صحافي مظهر عباس شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ نصرالله گڏاڻي تي حملي ۽ ان کانپوءِ جا تفصيل ٻڌايا. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته نصر الله گڏاڻي تي حملي کانپوءِ به پوليس ۽ انتظاميا طرفان سندس حياتي بچائڻ لاءِ اهي ضروري اپاءَ نه ورتا ويا، جيڪي وٺڻ گهربا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.