ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ 17 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب خميس ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 17 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 278 رپيا 30 پئسا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد جي قيمت 277 رپيا 35 پئسا ۽ وڪري جي قيمت 280 رپيا 10 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.
dollar pakistanirupee psx