سوئي گئس ملازمن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ واهپيدارن کان 6 ڪروڙ وصول ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس ڪمپني پنهنجي ملازمن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم عوام کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن جي آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي منظوري به ڏئي ڇڏي.
اوگرا سوئي ناردرن گئس ڪمپني کي راندين لاءِ 6 ڪروڙ 80 لک رپيا واهپيدارن کان وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اوگرا اها اجازت ايندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ ٻه ڪروڙ رپيا پهچ جي شعبي ۽ 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڊسٽري بيوشن کان وصول ڪرڻ جي اجازت ڏني.
ان کانسواءِ سيلز ڊپارٽمينٽ ذريعي هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا وصول ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
سوئي ناردرن جي اسپورٽس سيل آپريشنل ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 33 ڪروڙ 30 لک رپيا فراهمي جي درخواست ڪئي هئي.
درخواست ۾ چيو ويو هو ته فنڊن جي کوٽ سبب سوئي ناردن ۾ هاڪي، ڪوڏي ڪوڏي ۽ فٽبال تي عارضي پابندي آهي، تنهن ڪري ڪرڪيٽ لاءِ رقم جاري ڪئي وڃي.
وزيراعظم ڪرڪيٽ تي پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ سوئي ناردرن گئس ملازمن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ 6 ڪروڙ 80 لک رپين جي رقم جاري ڪري ڇڏي.

cricket shahbazsharif ssgc

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.