ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ جاري گرمي جي لهر جي حوالي سان اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جنهن موجب شهرين کي وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سخت گرمي جي صورتحال جون جي پهرئين هفتي تائين برقرار رهندي، 23 کان 28 مئي تائين پنجاب ۽ سنڌ ۾ سخت گرمي رهندي.
هن خبردار ڪيو ته ان دوران شهرن جو گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به وڃي سگهي ٿو.
ماهرن شهرين کي احتياط جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته اهي سخت گرمي ۾ غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪن.
karachi heatwave sindh