اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، هاڻ اهي پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي آساني سان نواڻ ڪرائي سگهن ٿا.
نادرا طرفان سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ خاص سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، نادرا موبائل رجسٽريشن ٽيم پاڪستان امبيسي ٽيم سان گڏ رياض جو دورو ڪيو.
نادرا جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ دستاويزن بابت سهولت فراهم ڪئي ويندي، رياض ۾ 24 ۽ 25 مئي جمعي ۽ ڇنڇر تي سهولت هوندي.
ترجمان چيو ته ڪئمپ ۾ سعودي وقت موجب صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ پاڪستاني شهري رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ نادرا ڪائونٽر تي وڃي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ پنهنجي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي نواڻ ڪرائي سگهن ٿا.
گهرو وزارت طرفان اهو قدم سمنڊ پار پاڪستانين کي رليف ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي.
saudiarabia ksa pakistan