”آءِ پي ايل ڇڏي وطن ڇو ويا؟“ وسيم اڪرم جي انگلش ڪرڪيٽر تي ڇتي تنقيد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم انگلش ڪرڪيٽرن پاران آءِ پي ايل ڇڏي وطن واپسيءَ واري عمل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ انگلش ڪرڪيٽرز جي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ڇڏي وطن واپس وڃڻ تي ڀارتي تپي باهه ٿي ويا.
آءِ پي ايل ڇڏي انگلينڊ روانو ٿيندڙ ڪرڪيٽرن ۾ فِل سالٽ، وِل جيڪ، ريس ٽوپلي شامل آهن جيڪي پاڪستان سان ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ وطن واپس موٽي ويا.
رانديگرن جي وطن واپسي جي اعلان کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ کي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽرن سنيل گواسڪر، عرفان پٺاڻ طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
هاڻ پاڪستان ليجنڊري ڪرڪيٽر وسيم اڪرم به ڀارتي ڪرڪيٽرن جي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته آءِ پي ايل ڇڏي وطن واپس ويندڙ رانديگرن جون پگهارن مان ڪٽوتي مسئلي جو حل ناهي.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان چيو ته جيڪڏهن اوهان پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪندا ته ڇا ان سان ڪو اثر پوندو ته اوهان جي ٽيم پلي آف مرحلي تائين پهچڻ کانپوءِ نٿي کٽي؟
هن چيو ته اوهان ڀرپور محنت ڪئي آهي ۽ آخري مرحلي ۾ اوهان جا رانديگر هليا ويا ڇو ته کين ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي آهي، اِهو صحيح نه آهي.
وسيم اڪرم چيو ته اوهان انڪري ئي کيڏو ٿا، اِهو ئي سبب آهي جو اِها صورتحال نه رڳو تماشائين پر مالڪن، ڪنهن به ليگ ۽ ٽيمن جي ڪپتانن لاءِ مايوس ڪندڙ آهي.
هن عرفان پٺاڻ جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته ” اچو ته پوري ٽورنامينٽ کيڏڻ اچو نه ته نه اچو. “ .

wasimakarm IPL ECB

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.