ڇا وڊيو کي ڪنهن به ٻولي ۾ تبديل ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو؟

مائيڪرو سافٽ ايج ۾ ريئل ٽائم وڊيو ٽرانسليشن جو نئون فيچر دستياب ٿيڻ وارو آهي، جنهن ذريعي اوهان وڊيو کي ڪنهن به ٻولي ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
اهو يوٽيوب، لنڪڊ ان ۽ ٻين ويب سائيٽس تي استعمال ڪري سگهبو.
ڪمپني موجب آرٽيفشل انٽليجنس اي آءِ ٽيڪنالاجي جو اهو فيچر وڊيو جي زبان جي ڊبنگ ۽ سب ٽائٽل لاءِ ٽرانسليٽ ڪري سگهندو.
هاڻي اهو فيچر هسپانوي ٻولي کي انگلش ۾ تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪري سگهي ٿو.
اهڙي ريت انگلش وڊيوز کي جرمن، هندي، اطالوي ۽ روسي ٻولي ۾ به ترجمو ڪرڻ ممڪن هوندو.
جيڪڏهن ڪو واهپيدار انگلش ٻولي نه سمجهي سگهندو ته اهو کيس پنهنجي مادري ٻولي ۾ ٻڌي سگهندو.
ڪمپني ٻڌايو آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ ٻولين کي به فيچر جو حصو بڻايو ويندو.

MicrosoftEdge NewFeature VideoMaker

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.