اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي وزارت جي چارج ڏني وئي.
وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ راڻا ثناءُ الله کي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب راڻا ثناءُ الله کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي چارج ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي واڌو چارج ڏني وئي هئي.
ranasanaullah pmln shahbazsharif