سيٽلائيٽ مشن آءِ ڪيوب قمر جي ٽيم نئين تجربي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چنڊ تي پاڪستاني سيٽلائيٽ مشن آءِ ڪيوب قمر جو سفر جاري آهي.
ٽيم ميمبر آءِ ڪيوب ڊاڪٽر خرم خورشيد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آءِ ڪيوب ڪيو جو ڪاميابي سان چنڊ تي سفر جاري آهي.
ڊاڪٽر خرم خورشيد چيو ته 9 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي چنڊ جون ورتل تصويرون ملي رهيو آهن، اهي تصويرون فلحال گهڻو پري کان ورتيون پيون وڃن، اسان جو مشن 200 ڪلوميٽر پري کان چنڊ جون تصويرون وٺڻ آهي.
هن ٻڌايو ته چين جو سيٽلائيٽ چينگ اي 6 جون جي پهرين هفتي ۾ چنڊ جي سطح تي لهندو جيڪو چنڊ جي مٽي گڏ ڪندو، پاڪستان سيٽلائيٽ 3 مئي کي چيني اسپيس لانچ سائٽ سان چنڊ جي مدار ۾ موڪليو ويندو.

ICubeQamar Pakistan2024 Settlite

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.