پاڪستاني فنڪار سجاد علي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٽيلنٽ، لڪ ۽ سوشل ميڊيا تي شهرت جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
6 سال جو بريڪ وٺڻ بعد ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 ۾ فنڪار سجاد علي پنهنجي نئين ميوزڪ وڊيو ” چل چليي“ پيش ڪيو.
آمنا حيدر عيساڻي کي انٽرويو ڏيندي فنڪار موسيقي پنهنجي ميراث قرار ڏيندي چيو ته منهنجي ٽي ٻار به موسيقي سان لاڳاپيل آهن ۽ مون ڪيترن ئي ماڻهن کي موسيقي سيکاري آهي.
سجاد علي جو چوڻ هو ته مان انهي ڳالهه تي يقين رکندو آهي ته ميراث صرف اوهان جي ٻارن ذريعي ئي اڳتي وڌائي وڃي، اهو اوهان جو فن آهي، جنهن کي ڪو به جيڪڏهن صحيح نموني سان نقل ڪري رهيو آهي ته اهو اوهان جي ميراث کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
فنڪار ٻڌايو ته مون ڪيترن ئي باصلاحيت ماڻهن کي ختم ٿيندي ڏٺو آهي، پر آخر ۾ صرف اهي ماڻهن ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي مستقل مزاجي لاءِ نظم ۽ ضبط رکندا هجن، هاڻوڪي دور ۾ فنڪار ايترا سٽار ناهن جيڪي ماضيءَ ۾ هئا.
SajjadKhan CokeStudio2024 Singer