ڊونلڊ ٽرمپ جي زندگي تي ٺهيل فلم ۾ خطرناڪ انڪشاف

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي زندگي تي ٺهيل فلم ڪانز فيسٽيول ۾ ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي زندگي تي ٺهيل فلم جو ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ورلڊ پريميئر ٿيو، جنهن بعد اڳوڻي صدر طرفان ان تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جا امڪان آهن.
فلم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي 1970 ۽ 1980 جي ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۾ هڪ نوجوان پراپرٽي ڊويلپر طور ڏيکاريو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي حوالي سان ڏيکاريو ويو آهي ته هن پنهنجي پهرين گهرواريءَ سان جنسي زيادتي ڪئي.
ان حوالي سان اڳوڻي صدر جي ترجمان پنهنجي ردعمل ۾ هن کي چونڊن ۾ هالي ووڊ جي مداخلت قرار ڏنو آهي.

DonaldTrump Film CanzoFestival2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.