ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايراني قوم پرعزم آهي، ڏکيو وقت گذاري ويندي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪالهوڪو ڏينهن انساني دنيا لاءِ افسوسناڪ هو، ايراني صدر پنهنجي ساٿين سميت فوت ٿي ويو، ڏک جي گهڙي ۾ اسان ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون.
هن چيو ته 23 اپريل تي ايراني صدر وفد سان گڏ پاڪستان آيو هو، ايراني صدر تي حملي جي خدشي سبب ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن جي موڪل ڪئي وئي هئي، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ڪو ملڪي سربراهه ڪراچي آيو هو، اها اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه هجي.
You might also like