ايراني صدر جي لاڏاڻي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران هڪ منٽ جي خاموشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران ايراني صدر ۽ سندس ساٿين جي لاڏاڻي تي هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس جي اڄ جي ايجنڊا اربع تائين ملتوي ڪئي وئي.
اسيمبلي فلور تي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ايراني صدر جي لاڏاڻي تي اڄوڪي ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، ٺهراءُ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو.
هن چيو ته ايراني صدر ۽ سندس ساٿين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.