”الحمد الله خواب پورو ٿي ويو“ ڏکڻ ڪوريا جي يوٽيوبر مسجد ٺهرائي ڇڏي

ڏکڻ ڪوريا جي مشهور يوٽيوبر دائود ڪم مسجد تعمير ڪرائي پنهنجي خواب کي پورو ڪري ورتو آهي.
فوٽو اينڊ شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي دائوم ڪم خوبصورت وڊيو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن کي مسجد جي تعمير لاءِ ڪم ۾ مصروف ڏٺو ويو آهي.
پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري دائود ڪم آخرڪار هڪ خوبصورت مسجد جي تعمير مڪمل ڪري ورتي آهي، جنهن کي ڏسڻ بعد هر ڪوئي تعريف ڪرڻ تي مجبور آهي.

يوٽيوبر خوشي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته الحمدالله اوهان سڀني جي مدد سان آخرڪار الله جو گهر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان.
دائود ڪم وڌيڪ چيو ته مان به سمجهان ٿو ته ڪيترائي ماڻهو پريشان آهن پر مسجد جي تعمير جو ڪم ڪڏهن ختم نه ڪرائيندس.
يوٽيوبر جو پنهنجي پرستار کي اپيل ۾ چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ چاهي ته رضاڪاراڻي طور تي مدد ڪري.
ياد رهي ته ڏکڻ ڪوريا جي مشهور فنڪار يوٽيوبر 2 مسجدون ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

Youtuber Daudqum Mosque

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.