ڀارتي اداڪار ۽ ماڊل جهانوي ڪپور جي نئين فلم مسٽر اينڊ مسز ماهي جي پهرين گاني رليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن ئي يوٽيوب سميت آن لائن ميوزڪ اسٽريمنگ پليٽ فارمز سميت سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو آهي.
فلم مسٽر اينڊ مسز جي گاني کي اربع ڏهاڙي کي سوني ميوزڪ انڊيا جي يوٽيوب چينل تي رليز ڪيو ويو، جنهن بعد هاڻي تائين گاني کي هڪ ڪروڙ 19 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
گاني کي نوجوان سنگر محمد فياض ڳايو آهي جڏهن ته شاعري مشهور هندي ۽ پنجابي سونگ رائٽر جاني ڪئي آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ديکها تينون 2001 ۾ رليز ٿيل آل ٽائم بلاڪ بسٽر بالي وُڊ فلم ڪبهي خوشي ڪبه غم جي مشهور گاني شاوا شاوا جو آفيشل ريميڪ آهي.
گاني جو ٽائيٽل، ميوزڪ ۽ طرز سان شاوا شاوا جي لائن ديکها تينون پهلي پهلي وار وي، هوئي لڳا دل بي قرار وي تي ٺاهيو ويو آهي.
ڄاڻايل فلم جي پروڊيوس ڌرما پروڊڪشن جي مالڪ ڪرن جوهر ۽ سندس ڪمپني طرفان ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي مسٽر اينڊ مسز جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ راجڪمار رائو، جهانوي ڪپور، ڪومود مشرا، رجيش شرما ۽ اڀي شيڪ بينر به شامل آهي.
IndianFilm Mahi JhanviKapoor