بينظير انڪم سپورٽ تحت روزگار ۾ مدد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملڪ جي نوجوانن کي ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾ روزگار جي موقعن لاءِ سهڪار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو آهي.

ٻه ڏينهن اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينا خالد جو اين اي وي ٽي ٽي سي جي نمائندن سان اجلاس ٿيو هو.

اجلاس ۾ چيئرپرسن چيو هو ته ٽيڪنيڪل ادارا هنرمندي ۽ تربيت تي ڌيان ڏين جيئن نوجوانن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ سولايون ٿين.

اجلاس ۾ اسڪل ٽريننگ وائوچر پروگرام جي آپريشنل طريقن تي غور ڪيو ويو، اهو پروگرام نيوٽيڪ جي ڀائيواري سان شروع ٿيندو.

پروگرام جو مقصد بي آءِ ايس پي ۾ شامل ڪٽنبن جي ٻارن کي روزگار لاءِ مهارتون سيکارڻ آهي.

انهن مهارتن ۾ هاسپيٽلٽي مئنيجمينٽ، گرافڪ ڊيزائننگ، جيمز اينڊ اسٽون پاليشنگ، بيوٽيشن، نرس ڪيئر ۽ پلمبنگ شامل آهن.

اهو پروگرام جلد شروع ڪيو ويندو، چونڊيل ضلعن مان 100 شاگردن کي فني مهارت ڏني ويندي ۽ تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کين روزگار جا موقعا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.