ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي.
اي او بي آءِ به وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، قومي ناڻي تي پينشن جو بار گهٽائڻ لاءِ سڌارا به متعارف ڪرائي سگهجن ٿا.
وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ ۽ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪندي جنهن لاءِ مشاورت جاري آهي.
حتمي فيصلو ناڻي وزارت جي سفارشن جي جائزي کانپوءِ ڪيو ويندو.
governmentemployees pakbudget2024