خاڪروب ڊاڪٽر جي جاءِ تي ويهي مريضن جو چيڪ اپ ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تعلقي اسپتال ۾ خاڪروب پاران ڊاڪٽر جي غيرموجودگي ۾ مريضن جي چڪاس ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

پنجاب جي علائقي وزيرآباد ۾ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال جو خاڪروب عبدالستار ڊاڪٽر جي ڪرسي تي مريضن جو چيڪ اپ ڪري ٿو جڏهن ته ڊاڪٽر ۽ ايم ايس اکيون ٻوٽي سمهي رهيا هوندا آهن.

سويپر ڪيترن ئي مريضن جا چيڪ اپ ڪيا ۽ ايم ايس صحافين کي ٻڌايو ته سويپر کي مريض چيڪ اپ ڪرڻ جي ڪا ڄاڻ ناهي.

وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ معاملي تي سخت رد عمل اچي رهيو آهي، هن وقت تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.